شڪليون

شڪليون

شڪليون ڪتاب

شڪليون (ڪتاب): مختلف شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هي ڪتاب نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناليوارين 24 شخصيتن: نسيم کرل، آغا سليم، خيرالنساء جـعـفـري، ثـمـيره زريـن، سـرفراز راڄـڙ،
حميد سنڌي، ميان علي محمد چانگ، ماٺيڻو اوٺو، شوڪت شورو، علڻ فقير، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مراد علي مرزا، تنوير جوڻيجو، ناز ڀٽو، راڄ محمد پلي، ممتاز مرزا، رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو، ڪيسري ڀيلڻ، شيخ اياز ۽ ٻين جا خاڪا شامل آهن.
ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي، جڏهن ته ‘گذارش’ جي سري هيٺ ‘ٻه اکر’ نامور ايڊيٽر ۽ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جا لکيل آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ شامل شخصيتن جا مختصر پروفائل ۽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. 200 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. پڪي جلد جي ٽائٽل سان هن ڪتاب جي قيمت 160 روپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو